سـُپريم ڪورٽ، اي سي ايل مان نالو خارج نه ڪرڻ تي سـُپر ماڊل ايان علي جي وفاقي گهرو وزارت خلاف توهين عدالت درخواست اڪلائيندي کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت

ayan-ali

سـُپريم ڪورٽ، اي سي ايل مان نالو خارج نه ڪرڻ تي سـُپر ماڊل ايان علي جي وفاقي گهرو وزارت خلاف توهين عدالت درخواست اڪلائيندي کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ سپر ماڊل ايان علي جي وفاقي گهرو وزارت خلاف توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ايان علي جي وڪيل لطيف کوسا دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد ايان علي جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪيو ويو هو پر ڪجهه ڪلاڪن بعد وري ٻيهر نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو.

لطيف کوسا چيو ته ايان علي جون ٽڪيٽس بڪ ٿيل هيون پر کيس ايئرپورٽ تان موٽايو ويو، ماڊل مختلف ملڪن سان معاهدا ڪيا آهن، جيڪڏهن معاهدن تي عمل نه ڪري سگهي ته 10 ملين ڊالر جو ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو.

جسٽس اعجاز افضل لطيف کوسا ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته هي معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو آهي، بهتر آهي ته درخواستگذار هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري.

لطيف کوسا عدالت کي استدعا ڪئي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ کي معاملو هڪ هفتي اندر اڪلائڻ جي هدايت ڪئي وڃي.

عدالت، لطيف کوسا جي استدعا رد ڪندي هدايت ڪئي ته معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو وڃي.

سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي هدايت ڪئي ته ايان علي جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ وارو معاملو جلد اڪلايو وڃي.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد وفاقي گهرو وزارت ايان علي جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪجهه ڪلاڪن بعد نالو وري ٻيهر ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*