وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڀارت ۾ رٿيل هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ پاڪستاني موقف تيار ڪرڻ بابت مشاورت ڪئي وئي

nawaz

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڀارت ۾ رٿيل هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ پاڪستاني موقف تيار ڪرڻ بابت مشاورت ڪئي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعا ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري سميت ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران ڀارت ۾سڀاڻي رٿيل هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس جي ايجنڊا ۽ پاڪستان جي موقف جي تياري سميت اهم معاملن تي مشاورت ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس دوران پاڪ-ڀارت لاڳاپن، ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهين ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري جي ڀارتي دوري تي به ويچاريو ويو.

هارٽ آف ايشيا استنبول پراسسس جي اعليٰ اختيارين جو ڇهون اجلاس سڀاڻي نئين دهلي ۾ ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ڪندو.

پرڏيهي ترجمان موجب پرڏيهي سيڪريٽري اعجاز چوڌري ڀارتي هم منصب ايس جئي شنڪر سميت ٻين ملڪن جي هم منصبن سان به ملاقات ڪندو.

پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ هميشه فعال ڪردار ادا ڪيو آهي.

واضح رهي ته پنجين هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ ڀارت پاران پرڏيهي وزير سشما سوراج شرڪت ڪئي هئي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*