سيالڪوٽ جي چپراڙ سيڪٽر تي ڀارتي فورسز جي بنا جواز فائرنگ پاڪستان جي جوابي ڪارروائي ۾ ڀارتي بندوقون خاموش ٿي ويون

سيالڪوٽ جي چپراڙ سيڪٽر تي ڀارتي فورسز بنا جواز فائرنگ ۽ گولا باري ڪري شهري آبادي ۽ چيڪ پوسٽ کي نشانو بڻايو آهي، چناب رينجرز جي اثرائتي جوابي ڪارراوئي ۾ ڀارتي بندوقون خاموش ٿي ويون آهن.

سڪيورٽي ذريعن موجب، ڀارتي فورسز سرحدي حدن جي ڀڇڪڙي ڪندي چپراڙ سيڪٽر واري علائقي ۾ مختلف ڳوٺن تي ڇتي گولا باري ۽ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي ٿيو.

  سڪيورٽي ذريعن موجب، ڀارتي فورسز جي اڳرائي جي موٽ ۾ چناب رينجرز جي جوابي ڪارروائي ۾ ڀارتي بندوق خاموش ٿي ويون.

 چناب رينجرز ذريعن موجب، ڀارتي فورسز گولا باري ڪري سڪيورٽي فورسز جي چيڪ ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻايو ويو.

 واضح رهي ته ڪجهه عرصي کان ڀارتي فورسز پاران لاڳيتو سرحدي حدن جي ڀڇڪڙي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته پاڪستان معاملو گڏين قومن ۾ پڻ اٿاري چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*