پاناما ليڪس ۽ ڪرپشن خلاف سڀاڻي کان تحريڪ شروع ڪئي پئي وڃي:حليم عادل شيخ

haleem-adil-shakh

پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته پاناما ليڪس ۽ ڪرپشن خلاف سڀاڻي کان تحريڪ شروع ڪئي پئي وڃي، سڀاڻي شاهه محمود قريشي جي اڳواڻي ۾ قائد آباد کان سکر  لاءِ ريلي رواني ٿيندي  ۽ 30 اپريل تي عمران خان سکر  ۾ ريلي کي خطاب ڪندو.

ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته سڀاڻي کان ڪرپشن ختم ڪريو ملڪ بچايو جي نالي سان تحريڪ شروع ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته سڀاڻي شاهه محمود قريشي جي اڳواڻي ۾ قائد آباد کان ريلي نڪرندي جيڪي مختلف شهرن کان ٿيندي 30 اپريل تي سکر پهچندي جتي پارٽي سربراهه عمران خان ريلي کي خطاب ڪندو.

هن چيو پانا ماليڪس معاملي ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ چئني صوبن ۾ ريليون ڪڍيون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*