حاصل بزنجو، وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي قيام بابت فيصلي جي حمايت

nawaz-hasil-meet

 نيشنل پارٽي جي سربراهه حاصل بزنجو، وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي قيام بابت حڪومتي فيصلي جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم نوازشريف جو چوڻ آهي ته حڪومتي ڪوششن جو  مقصد عوام کي بااختيار بڻائڻ آهي.

پـِي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان نيشنل پارٽي جي سربراهه سينيٽر حاصل بزنجو ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ قومي اهميت وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات دوران پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ ۽ ٻين معاملن تي به مشاورت ڪئي وئي.

ان موقعي تي سينيٽر حاصل بزنجي پاران پاناما ليڪس معاملي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي قيام لاءِ حڪومتي اعلان جي حمايت ڪئي وئي.

سينيٽر حاصل بزنجي چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ کنيل قدمن سان بلوچستان ۾ امن ۽ استحڪام آهي، حڪومت جي هر قدمن جي حمايت ڪئي ويندي.

ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت جي ڪوششن جو مقصد عوام کي خودمختيار بڻائڻ آهي، حڪومت جون سموريون توانائيون عوام جي سماجي توڙي معاشي ترقي تي آهن.

نواز شريف چيو ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اقتصادي راهداري منصوبي سان بلوچستان جي عوام کي بي پناهه فائدو ٿيندو.

ان کان اڳ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي ٽي او آرز، ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ عمران خان جي گذريل ڏينهن واري خطاب تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن موجب، ملاقات دوران فيصلو ڪيو ويو ته پاناما ليڪس معاملي تي ٻين سياسي ڌرين سان رابطو ڪري کين اعتماد ۾ ورتو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*