سنڌ ۾ پهريون ڀيرو زراعت کي ڪامرس سان گڏ پڙهايو پيو وڃي:ناهيد ميمڻ

iba-semenar

سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرپرسن ناهيد ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ زرعي حوالي سان واپار جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي، سنڌ ۾ پهريون ڀيرو زراعت کي ڪامرس سان گڏ پڙهايو پيو وڃي.

 سکر آءِ بي اي ۾ ڪوٺايل ايگرو بزنس سيمينار کي خطاب ڪندي ناهيد ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ فيصل آباد يونيورسٽي سان کوليل ايگرو بزنس وارو شعبو پنهنجي نوعيت جو منفرد ۽ اهم آهي.

هن چيو ته ايگرو بزنس ذريعي سنڌ ۾ پهريون ڀيرو زراعت کي ڪامرس سان گڏ پڙهايو پيو وڃي، جنهن جا انتهائي فائديمند نتيجا نڪرندا.

ان موقعي تي آءِ بي اي ڊائريڪٽر نثار احمد صديقي، ڪمشنر سکر عباس بلوچ، مشهور آبادگار غلام قادر جسڪاڻي ۽ ٻين ايگرو بزنس جي شروعات کي سڄي سنڌ لاءِ وڏو سنگ ميل قرار ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*