جيڪب آباد ۾ پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ اڪبر بگٽي ايڪسپريس تي پوليس ڇاپو هڻي وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

SSP-jecobabad

جيڪب آباد ۾ پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ اڪبر بگٽي ايڪسپريس تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ريلوي پوليس ڇاپو هڻي وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ريلوي ٿاڻي تي جوابدار سميت ڊيلر ۽ ڊيرا مراد جمالي واسي دڪاندار تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

ايس پي ريلوي سکر ملڪ عتيق الرحمان جيڪب آباد ريلوي ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ ٽرين کي ڳجهي اطلاع تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ريلوي پوليس جيڪب آباد ۾ روڪي جهڙتي ورتي.

هن چيو ته ڪارروائي دوران 12 بور جا 298 رپيٽر، ٽيهه بور جا 284 ۽ ٽِيهه اين پي ڊي رائفلز، 30 بور جي پسٽل جا 3 هزار رائونڊ ۽ 5 هزار گوليون به هٿ ڪيون ويون.

ايس پي ريلوي سکر موجب هٿ آيل هٿيارن ۾ امريڪا، چين، ترڪي ۽ روس ساخت جا پسٽل به شامل آهن.

ايس پي ريلوي سکر چيو ته ڊيرا مراد جمالي واسي دڪاندار بشير ڀنگر پشاور جي ڊيلر ثناءُ الله جي معرفت هٿيار خريد ڪيا، جيڪي غير قانوني طريقي سان جوابدار ميرو خان ابڙو ذريعي منتقل ڪيا پئي ويا ته ڪارروائي ڪئي وئي.

ريلوي ٿاڻي تي ايس ايڇ او گلزار مگسي جي مدعيت ۾ گرفتار جوابدار ميرو خان ابڙو، ڊيلر ۽ دڪاندار تي داخل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*