انگلش ساڪرس پروفيشنل فٽبالرز ايسوسيئشن پاران ليڪسٽر سٽي جي نمائندگي ڪندڙ نوجوان فٽبالر رياد ماهريزکي سال جو بهترين فٽبالر جو ايوارڊ ڏنو ويو

footbal-awards

انگلش ساڪرس پروفيشنل فٽبالرز ايسوسيئشن پاران ليڪسٽر سٽي جي نمائندگي ڪندڙ نوجوان فٽبالر رياد ماهريزکي سال جو بهترين فٽبالر جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ٽوٽنهام جي ڊيلي الي کي بهترين نوجوان فٽبالر جي ايوارڊز سان نوازيو ويو.

لنڊن ۾ انگلش ساڪرس پروفيشنل فٽبالرز ايسوسيئشن پاران هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي.

تقريب ۾ ڪيترن ئي نالي وارن فٽبالرز سان گڏ ٽيمن جي عهديدارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

ليڪسٽر سٽي جي نمائندگي ڪندڙ رياد ماهريز کي بهترين ڪارڪردگي جو مظآهرو ڪرڻ تي سال جي بهترين فٽبالر جي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

ٽوٽن هام فٽبال ٽيم جي نوجوان فٽبالر ڊيلي الي کي سال جو بهترين نوجوان فٽبالر قرار ڏنو ويو، جنهن جو ايوارڊ سندس غير موجودگي ۾ سندس ٽيم جي عهديدار حاصل ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*