پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان يونس خان ۽ ايمپائر وچ ۾ ٿيل تڪرار جو نوٽس ورتو

pcb-shahryar-khan-14-4-16

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان يونس خان ۽ ايمپائر وچ ۾ ٿيل تڪرار جو نوٽس ورتو آهي، جڏهن ته پي سي بي پاران ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ جي ليول ٽو جي خلاف ورزي ڪرڻ تي يونس خان مٿان پنج ميچ جي پاپندي مڙهڻ جو امڪان آهي.

پي سي بي چيئرمين شهريارخان پاڪستان ڪپ ون ڊي ٽورنامنٽ ۾ يونس خان ۽ ايمپائر وچ ۾ ٿيل تڪرار جو نوٽس وٺندي ميچ ريفري کان تفصيلي رپورٽ گهري ورتي آهي، جڏهن ته اڳوڻي ڪپتان خلاف پي سي بي جي ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ جي خلاف ورزي ڪرڻ تي پنج ميچز جي پاپندي مڙهي سگهجي ٿي.

يونس خان ان کان پهرين ڊسپلنري ڪميٽي جي سامهون به پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن تي سندس مٿان ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ليول ٽو تحت ميچ فيس جو 50 سيڪڙو ڏنڍ مڙهيو ويو.

واضح رهي ته يونس خان فيصل آباد ۾ کيڏي ويل پاڪستان ڪپ ون ڊي ٽورنامنٽ جي ميچ ۾ ناقص ايمپائرنگ خلاف احتجاج ڪيو هو، جڏهن ته ميچ ريفري پاران ڏنڍ مڙهڻ تي ميچ ۽ ٽورنامنٽ اڌ ۾ ڇڏي ڪراچي واپس هليو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*