سنڌ اسيمبلي جو پري بجيٽ اجلاس، سنڌ ۾ اوڳاڙين جي مد ۾ 70 ارب رپين جو خسارو

sindh-assembly11-12-15

سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ اوڳاڙين جي مد ۾ 70 ارب رپين جو خسارو آهي، ٽيڪس وصولين جي هدف کان به 10 ارب رپيا گهٽ آمدني ٿي آهي ۽ ايندڙ ٽن مهينن دوران اهو هدف پورو ڪيو ويندو.

سنڌ اسيمبلي جو پري بجيٽ اجلاس  ڊپٽي اسيپڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران  ناڻي واري وزير مراد علي شاهه ٽه ماهي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت پاران فنڊز جاري ڪرڻ ۾ دير جو سلسلو جاري  آهي ۽ کيس اميد آهي ته ايندڙ3مهينن دوران وصوليون ٿي وينديون.

هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت کي  ٽيڪس وصولين جي هدف ۾ 10 ارب رپين جي گهٽ آمدني ٿي آهي .

 متحده جي سيد سردار احمد چيو  ته سنڌ جو ناڻو کاتو تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن لاءِ بجيٽ جاري ڪري ٿو پر رقمون خرچ نه ٿيون ڪيون وڃن.

سيد سردار احمد چيو ته سنڌ سرڪار 72 ارب رپين جي قرضي آهي ، جنهن تي ساليانو 6 ارب جو وياج ادا ڪرڻو پوي ٿو.

پي ٽي آءِ جي ثمر علي خان چيو ته سنڌ ۾ پاڻي، بجلي ۽ ٻيون سهولتون نه آهن، بجيٽ جاري ٿيڻ باوجود اها رقم خرچ نٿي ڪئي وڃي جيڪو وڏو مسئلو آهي.

سيد سردار احمد ۽ ثمر علي خان سنڌ حڪومت ٽيڪس وصولين لاءِ بهتر انتظام ڪرڻ ۽ غير ترقياتي خرچ گهٽائڻ جي تجويز ڏني.

متحده جي رئوف صديقي چيو ته سنڌ حڪومت ٻڌائي متحده خلاف ڪارروائين ۽ پارٽي کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪيتري رقم خرچ ڪئي وئي آهي، جنهن تي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي خلاف هڪ به رپيو خرچ ناهي ڪيو باقي ڪرمنل ڪيسن جي پراسيڪيوشن لاءِ بجيٽ جاري ڪئي وئي آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ پري بجيٽ بحث جاري هو ته ڊپٽي اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*