ڪراچي ۾ رينجرز نائين زيرو ڀرسان سرچ آپريشن 4ڄڻن کي حراست ۾ ورتو

karachi-kashif-david-MQM

ڪراچي ۾ رينجرز نائين زيرو ڀرسان سرچ آپريشن  ڪري 4ڄڻن کي حراست ۾ ورتو آهي، رينجرز جي ڪرنل فيصل جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ گرفتار ٽارگيٽ ڪاشف عرف ڊيوڊ  جي نشاندهي تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ واسع جليل چيو آهي ته ڪاشف ڊيوڊ کي 6 مهينا اڳ دبئي مان گرفتار ڪيو ويو هو، سندس گرفتاري اڄ ظاهر ڪرڻ ڪراچي ۾ فلاپ جلسي جو ردعمل آهي.

رينجرز جي ڪرنل فيصل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  نائن زيرو ويجهو گرفتار ڪيل ڏوهاري محمد ڪاشف عرف ڊيوڊ جي نشاندهي تي عزيز آباد ۾ هڪ  گهر تي ڇاپو هڻي وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ، گوليون ۽ رينجرز جون ورديون هٿ ڪيون ويون آهن.

هن چيو ته ڇاپي دوران هٿ آيل هٿيارن ۾ پرڏيهي هٿيار به شامل آهن، ڪارروائي دوران چئن ڄڻن کي حراست ۾به ورتو ويو آهي.

ڪرنل فيصل موجب نائن زيرو ويجهو گرفتار ڪيل جوابدار ڪاشف عرف ڊيوڊ جو واسطو ايم ڪيو ايم سان آهي، جوابدار  هڪ سئو کان وڌيڪ قتل ڪيسن ۾ گهربل هو.

ڪنرل فيصل موجب گرفتار ڪيل جوابدار ڪاشف عرف ڊيوڊ اورنگي ٽائون جو رهواسي هو ۽ هو گهڻي وقت کان پرڏيهه ۾ ترسيل هو .

ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ واسع جليل  پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪاشف ڊيوڊ کي 6 مهينا اڳ دبئي مان گرفتار ڪيو ويو هو، سندس گرفتاري اڄ ظاهر ڪرڻ ڪراچي ۾ فلاپ جلسي جو ردعمل آهي.

واسح جليل جو چوڻ آهي ته گذريل آچر تي ڪراچي جي باغ جناح ۾ ٿيل پاڪ سرزمين پارٽي جو جلسو فلاپ ويو ۽ مصطفيٰ ڪمال ۽ سندس ڪمپني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اميدن تي پورو نه لٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*