ٻانڌي ڀرسان پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلو، پوليس پاران ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ

nawabshah-police-mqablo

ٻانڌي ڀرسان پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ پوليس ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مورو روڊ تي پوليس رات جي وقت موٽر سائيڪلن تي سوار 5 ڄڻن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن بعد ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿي پيو.

پوليس موجب اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا، جڏهن ته مارجي ويل ڏوهارين جا 3 ساٿي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پوليس موجب مارجي ويل ڏوهارين جا لاش نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جتي سندن پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ لاش مردي خاني ۾ رکيا ويا آهن، جڏهن ته ٻنهي لاشن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*