پاڪستاني پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري جي ڀارتي هم منصب سان ملاقات

pak-india-forgin-minster-me

هارٽ آف ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت پهتل پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري نئين دهلي ۾ ڀارتي هم منصب ايس جئي شنڪر سان ملاقات ڪئي آهي، پاڪستاني هاءِ ڪميشن جو چوڻ آهي ته هاڻوڪي صورتحال ۾ پاڪ-ڀارت سيڪريٽريز جي ملاقات سٺو سنوڻ آهي، ڪشمير سميت سمورن مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي

هارٽ آف ايشيا استنبول پراسس جي ڇهين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نئين دهلي پهتل پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري جي پنهنجي ڀارتي هم منصب جئي ايس جَي شنڪر سان سائوٿ بلاڪ ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڀارت ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر باسط علي پڻ موجود هو.

پاڪستاني هاءِ ڪميشن موجب ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري سان ملاقات بهتر ماحول ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪشمير سميت سمورن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

پاڪستاني هاءِ ڪميشن موجب هاڻوڪي صورتحال ۾ پاڪ-ڀارت سيڪريٽريز جي ملاقات سٺو سنوڻ آهي، پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا وزيراعظم جو عزم آهي.

ذريعن موجب ملاقات دوران پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ڀارتي ايجنٽ ڪـَل ڀـُوشن ياديو جي گرفتاري ۽ پاڪستان ۾ مداخلت وارو معاملو اٿاريو.

هارٽ آف ايشيا استنبول پراسس جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري پاڪستان جي قيادت ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*