پنجاب جي علائقي ليه ۾ زهريلي مٺائي کائڻ سبب بيهوش ٿيلن مان وڌيڪ ٽن ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد انگ وڌي 28 ٿي ويو

laya-

پنجاب جي علائقي ليه ۾ زهريلي مٺائي کائڻ سبب بيهوش ٿيلن مان وڌيڪ ٽن ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد انگ وڌي 28 ٿي ويو آهي، 9 ڄڻن جي حالت ۾ بهتري نه اچڻ سبب کين لاهور منتقل ڪيو ويو آهي.

ليه جي علائقي عيسيٰ ڪروڙ لعل ۾ زهريلي مٺائي کائڻ سبب بيهوش ٿيل وڌيڪ ٽن ڄڻن ملتان جي نشتر اسپتال ۾ دم ڏنو، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 28 ٿي ويو آهي.

بيهوش ٿيلن مان وڌيڪ 9 ڄڻن جي حالت ۾ سڌارو نه اچڻ سبب کين لاهور منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوتين ۾ 7 سڳا ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ به شامل آهن، جاچ دوران مٺائي ۾ زرعي دوا استعمال ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو هو.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ شاهد نالي شخص پٽ جي پيدائش جي خوشي ۾ مٺائي گهرائي هئي، مٺائي کائڻ بعد سمورا گهر ڀاتي توڙي مٽ مائٽ بيهوش ٿي ويا هئا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*