سپر ماڊل ايان علي عدالتي حڪم باوجود اي سي ايل مان نالو خارج نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

ayanalicourt22-8

سپر ماڊل ايان علي عدالتي حڪم باوجود اي سي ايل مان نالو خارج نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي،گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ايان علي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

ايان علي جي  وڪيل پاران داخل ڪرايل توهين عدالت  واري درخواست ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود ايان علي جو نالو ٻيهر اي سي ايل ۾ شامل ڪري توهين عدالت ڪئي وئي آهي، ان ڪري وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي جي ايف آءِ اي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سپريم ڪورٽ گذريل ڏينهن ايان علي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

ايان علي وٽان اسلام آباد ايئرپورٽ تان 5 لک ڊالرز هٿ آيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*