سنڌ هاءِ ڪورٽ پروفيسر نوشاد شيخ جي ڊائو يونيورسٽي جي وي سي طور مقرري کي ڪالعدم قرار

sindh highi court

سنڌ هاءِ ڪورٽ پروفيسر نوشاد شيخ جي ڊائو يونيورسٽي جي وي سي طور مقرري کي ڪالعدم قرار ڏيندي نئين سرچ ڪميٽي جوڙڻ ۽وڏي وزير کي نئين وي سي جي مقرري لاءِ گورنر کي واضح سفارشون موڪلڻ جي هدايت ڪئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ بئنچ ڊاڪٽر نوشاد شيخ جي وي سي طور مقرري خلاف ۽ وقتي وي سي  مسعود حميد کي هٽائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد پروفيسر نوشاد شيخ جي ڊائو يونيورسٽي جي وي سي طور مقرري کي ڪالعدم قرار ڏيندي نئين سرچ ڪميٽي جوڙڻ ۽ نئين وي سي جو نالو 20 ڏينهن تجويز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ڊائو يونيورسٽي جي سرچ ڪميٽي ۾ شامل فضل الرحمان کي هٽائي اهل آفيسر کي مقرر ڪيو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏي وزير کي نئين وي جي مقرري لاءِ گورنر کي  واضح سفارشون موڪلڻ ۽ مسعود حميد کي نئين وي سي جي مقرري تائين ذميواريون نڀائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*