ڪيترائي ڀيرا واضح ڪري چڪا آهيون ته طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ رڳو اسلام آباد جي ذميواري نه آهي:پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه

nafees-zakaria

پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه چيو آهي ته پاڪستان، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي پر ڪيترائي ڀيرا واضح ڪري چڪا آهيون ته طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ رڳو اسلام آباد جي ذميواري نه آهي.

افغان صدر اشرف غني جي افغان پارليامينٽ کي ڪيل خطاب تي رد عمل ظاهر ڪندي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه چيو ته پاڪستان، افغان امن عمل لاءِ سنجيده ڪوششون وٺي رهيو آهي.

هـُن چيو ته افغان طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ ڳالهين لاءِ چار ملڪي گروپ ڪم ڪري رهيو آهي ۽  اجلاسن بعد جاري ڪيل پڌرائي ۾ طالبان جي بااختيار نمائندن کي سڌيءَ ريت ڳالهين ۾ شرڪت جي به دعوت ڏني وئي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ڪيترائي ڀيرا واضح ڪري چڪو آهي ته طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي ذميواري رڳو اسلام آباد جي نه آهي، ان لاءِ سڀني کي سنجيده ڪوششون وٺڻيون پونديون.

پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان، افغانستان ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي حمايت ڪري ٿو، ڪابل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، تشدد ۽ رتوڇاڻ سان امن قائم نٿو ٿي سگهي.

نفيسه ذڪريه چيو ته پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو شڪار آهي، سڪيورٽي فورسز ۽ عام شهرين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون آهن، ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پر عزم آهيون.

واضح رهي ته افغان صدر اشرف غني افغان طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ ڳالهين ۾ ناڪاميءَ جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏنو هو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*