چمبڙ ڀرسان ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ ٻن جوابدارن کي اڄ ٽنڊو الهيار جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

tandoallayar-court

چمبڙ ڀرسان ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ ٻن جوابدارن کي اڄ ٽنڊو الهيار جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جوابدارن کي گذريل ڏينهن  ڪوسٽر تي ڇاپو هڻي ٻارڙي جي لاش سميت گرفتار ڪيو ويو هو.

چمبڙ پوليس پاران گرفتار ڪيل شاهد ڀيل ۽ سانوڻ عرف غلام حسين شيخ کي اڄ ٽنڊو الهيار جي سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

پوليس جو چوڻ هو ته جوابدارن ٻارڙي شهناز ڌيءُ سوڀو ڀيل کي 5 ڏينهن اڳ بدين ويجهو ڳوٺ 3 ميل سم مان اغوا ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو.

   پوليس جو اهيو به چوڻ هو ته جوابدارن ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو هو، جنهن بعد ٻارڙي جي وارثن جي فرياد تي مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار ٻارڙي کي قتل ڪرڻ بعد لاش چمبر مان ماتلي ۾ دفنائڻ وڃي رهيا هئا ته ڪوسٽر تي ڇاپو هڻي کين لاش سوڌو  گرفتار ڪيو ويو هو.

واضح رهي ته جوابدارن گذريل ڏينهن اعتراف ڪندي اهيو به چيو هو ته هُو ٻن سالن کان معصوم ٻارڙين کي اغوا ڪري زيادتين جو بشانو بڻائيندا رهيا آهن…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*