راولپنڊي سرچ آپريشن دوران 185 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو

راولپنڊي ۾ سرچ آپريشن دوران 185 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، پشاور ۽ ڪرم ايجنسي ۾ به سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾  ورتو ويو.

راولپنڊي جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن دوران 185 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ پرڏيهي شهري ۽ ميرانشاهه واسين جو وڏو انگ شامل آهي.

   سڪيورٽي فورسز پشاور جي مٿرا روڊ، ڊبل روڊ ۽ ڪچي آبادي وارن علائقن  ۾ سرچ آپريشن دوران غير قانوني طور ترسيل افغانين سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.

سيڪيورٽي ذريعن موجب، گرفتار جوابدارن وٽان، مختلف قسم جان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، کين وڌيڪ جاچ لاءِ ڳجهن ادارن حوالي ڪيو ويو آهي.

ڪرم ايجنسي جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو، جن ۾ افغان مهاجر به شامل آهن.

آپريشن دوران پاڙا چنار شاهراهه کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين جي جهڙتي به ورتي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*