روهڙي ويجهو پوليس مبينا مقابلي دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪري ورتو

rohri-haffari

روهڙي ويجهو پوليس مبينا مقابلي  دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

ايس ايس سکر امجد شيخ موجب روهڙي لنڪ  تي 5 کان وڌيڪ هٿياربند ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هئا ته گشتي پوليس پهچي وئي، جنهن دوران مقابلو ٿي پيو.

ايس ايس پي موجب هٿياربندن سان مقابلي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 جوابدار زخمي ٿي پيا، جن کي گرفتار ڪيو ويوآهي.

ايس ايس پي موجب پڪڙيل ڏوهارين ۾ پرويز شيخ ۽ شفيع ميراڻي شامل آهن، جوابدارن جا 3 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي.

ايس ايس سکر موجب پڪڙيل ڏوهارين جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا،  حراست ۾ ورتل جوابدار ڦر، ڌاڙن سميت ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهن……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*