پاناما ليڪس معاملي جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ڪنهن کي ڏوهاري قرار نه ڏيڻ گهرجي، احتجاج سڀني جو حق آهي :سردار اياز صادق

ayaz-sadiq12-8

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاناما ليڪس معاملي جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ڪنهن کي ڏوهاري قرار نه ڏيڻ گهرجي، احتجاج سڀني جو حق آهي پر ڪنهن جي گهر جو گهيراءُ ڪرڻ سٺو عمل ناهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته عوام ۽ ن ليگ کي سپريم ڪورٽ تي اعتماد آهي، اعليٰ عدالت جيڪو به فيصلو ڪندي سڀني کي قبول هوندو.

هـُن چيو ته پاناما ليڪس معاملي جي جاچ لاءِ وزيراعظم خط لکي ڇڏيو آهي،  جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ڪنهن تي الزام نه لڳائڻ گهرجن.

عمران خان پاران رائيونڊ جو گهيراءُ ڪرڻ واري ڌمڪي بابت سوال جي جواب ۾ اياز صادق چيو ته جمهوريت ۾ احتجاج سڀني جو حق آهي، ڪنهن جي گهر جو گهيراءُ ڪرڻ سٺو عمل ناهي.

هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ اياز صادق وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف مدي ۾ واڌ وٺندو يا نه، ان بابت آرمي چيف کان ئي پڇيو وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*