جـُڊيشل ڪميشن رڳو وزيراعظم نواز شريف نه پر عمران خان ۽ چوڌري ڀائرن سميت سڀني جو احتساب ڪندي: خواجه سعد رفيق

sad-rafiq

ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته جـُڊيشل ڪميشن رڳو وزيراعظم نواز شريف نه پر عمران خان ۽ چوڌري ڀائرن سميت سڀني جو احتساب ڪندي، پرويز مشرف جي ٻاهر وڃڻ جي ذميوار رڳو حڪومت نه پر سڀ آهيون.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته پاناما ليڪس معاملي جي جاچ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکيو ويو آهي، هاڻي جاچ جو انتظار ٿيڻ گهرجي.

هـُن چيو ته ڪير به خوشفهمي ۾ نه رهي ته جڊيشل ڪميشن رڳو وزيراعظم ناوز شريف جو احساب ڪندي، جاچ ڪميشن وٽ عمران خان ۽ چوڌري ڀائرن سميت سڀني خلاف انڪوائري جو اختيار حاصل هوندو.

خواجه سعد رفيق چيو ته جمهوريت ۾ جيتري جان هئي اوتري دير پرويز مشرف کي هتي روڪي رکيو، جيڪڏهن مشرف جي وڃڻ سان ملڪ جون حالتون بهتر ٿين ٿيون ته اهو پرڏيهه ۾ ئي ڀلو آهي.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت پرويز مشرف کان نٿي ڊڄي، چاهيون ٿا ته ڌرڻن سبب جمهوريت متاثر نه ٿئي، پرويز مشرف جي ٻاهر وڃڻ جي ذميوار رڳو حڪومت نه پر سڀ آهيون.

خواجه سعد رفيق چيو ته عمران خان کي رائيونڊ وڃي گٿو ڳالهائڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، عمران کي لاهور ۾ جلسو ڪري ته بهتر هوندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*