لاڙڪاڻي ۾ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار تي تشدد ڪندڙ 5 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو
لاڙڪاڻي ۾ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار تي تشدد ڪندڙ 5 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي، رجسٽرار جي شڪايت تي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي عدالت طلب ڪيو ويو آهي.
هاءِ ڪوٽ جي رجسٽرار نذير مرکنڊ ۽ سندس پٽ مرتضيٰ ڪلهوڙو تي تشدد جو اي ايس پي توقير نعيم نوٽيس وٺندي پنجن اهلڪارن کي معطل ڪري ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو.
رجسٽرار ۽ هاءِ ڪورٽ جي ٻئي عملي کاران شڪايت ڪرڻ تي هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عبدالرسول ميمڻ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي عدالت طلب ڪري ورتو آهي.
هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار نذير مرکنڊ جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي پٽ سان گڏ هڪ شادي جي تقريب ۾ شرڪت بعد گهر وڃي رهيا هئا ته پوليس اهلڪارن کين روڪي منهن ماري بعد تشدد جو نشانو بڻايو……………….