چمبڙ ڀرسان زيادتي بعد قتل ڪيل معصوم ٻارڙي جي بدين ويجهو اباڻي ڳوٺ ۾ تدفين ڪئي وئي

chambar-child

چمبڙ ڀرسان زيادتي بعد قتل ڪيل معصوم ٻارڙي جي بدين ويجهو اباڻي ڳوٺ ۾ تدفين ڪئي وئي، گرفتار ٻن جوابدارن کي اڄ ٽنڊو الهيار جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جوابدارن کي گذريل ڏينهن  ڪوسٽر تي ڇاپو هڻي ٻارڙي جي لاش سميت گرفتار ڪيو ويو هو.

گذريل ڏينهن جوابدارن پاران زيادتي  بعد قتل ڪيل ٻن ورهين جي ٻارڙي شهناز کي بدين ويجهو اباڻي ڳوٺ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

چمبڙ پوليس پاران گرفتار ڪيل شاهد ڀيل ۽ سانوڻ عرف غلام حسين شيخ کي اڄ ٽنڊو الهيار جي سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

پوليس جو چوڻ هو ته جوابدارن ٻارڙي شهناز ڌيءُ سوڀو ڀيل کي 5 ڏينهن اڳ بدين ويجهو ڳوٺ 3 ميل سم مان اغوا ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو.

   پوليس جو اهيو به چوڻ هو ته جوابدارن ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو هو، جنهن بعد ٻارڙي جي وارثن جي فرياد تي مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار ٻارڙي کي قتل ڪرڻ بعد لاش چمبر مان ماتلي ۾ دفنائڻ وڃي رهيا هئا ته ڪوسٽر تي ڇاپو هڻي کين لاش سوڌو  گرفتار ڪيو ويو هو.

واضح رهي ته جوابدارن گذريل ڏينهن اعتراف ڪندي اهيو به چيو هو ته هُو ٻن سالن کان معصوم ٻارڙين کي اغوا ڪري زيادتين جو بشانو بڻائيندا رهيا هئا…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*