نيلم جهلم هائيڊرو پاورپروجيڪٽ جي نوسيري سائيٽ تي اڏاوت هيٺ ٿنڀو ڪرڻ جي نتيجي ۾ 9 پورهيت فوت ٿي ويا

آزاد ڪشمير ۾ نيلم جهلم هائيڊرو پاور پروجيڪٽ جي نوسيري سائيٽ تي اڏاوت هيٺ ٿنڀو ڪرڻ جي نتيجي ۾ 9 پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا، ذريعن موجب فوتي پورهيتن ۾ چيني شهري به شامل آهن.

مظفر آباد ۾ نيلم جهلم هائيڊرو پاور پروجيڪٽ جي نوسيري سائيٽ تي اڏاوت هيٺ ٿنڀو ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي پوهيت دٻجي ويا، جن مان 9 ڄڻن جا لاش ملبي هيٺان ڪڍيا ويا.

انتظاميه موجب، اڏاوٽ هيٺ ٿنڀو ڪرڻ سبب 10 کان وڌيڪ پورهيت ملبي هيٺان دٻجي ويا هئا، جن مان 9 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته وڌيڪ ڦاٿل پورهيت کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪرين ذريعي ريسڪيو ڪم جاري آهي.

ذيعن موجب، دٻجي فوت ٿيلن ۾ چيني شهري به شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*