پيپلزپارٽي جي وفد شيخ رشيد جي ڏوراپن بعد سڀاڻي لال حويلي تي وڃي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه کي گڏيل اپوزيشن جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ جو فيصلو

khurshid-shakh

پيپلزپارٽي جي وفد شيخ رشيد جي ڏوراپن بعد سڀاڻي لال حويلي تي وڃي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه کي گڏيل اپوزيشن جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته شيخ صاحب ناراض نه ٿئي، سڀاڻي حاضري ڀرڻ لاءِ وينداسين.

پارليامينٽ هائوس ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران خورشيد شاهه، شيخ رشيد کي 2 مئي تي اسلام آباد ۾ رٿيل گڏيل اپوزيشن جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

شيخ رشيد ڏوراپو ڏيندي چيو ته پيپلزپارٽي جو وفد ٻين اپوزيشن پارٽين کي دعوت ڏيڻ لاءِ وٽن هلي ويو آهي پر هـُن وٽ ناهي آيو، لڳي ٿو ته عوامي مسلم ليگ کي اپوزيشن پارٽي سمجهيو ئي نٿو وڃي.

خورشيد شاهه، شيخ رشيد ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته شيخ صاحب اوهان ناراض نه ٿيو، اپوزيشن ميمبر سڀاڻي توهان وٽ حاضري ڀرڻ لاءِ ايندا ۽ پوءِ اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندا.

ان کان اڳ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ۽ شاهه محمود قريشي، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سان به فون تي رابطو ڪري کيس 2 مئي تي رٿيل اپوزيشن جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*