قرض معاف ناهن ڪرايا، وزيراعظم هائوس جو ميڊيا سيل غلط خبرون هلائي رهيو آهي:جهانگير ترين

jhangir

تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ جهانگير ترين، قرض معاف ڪرائڻ وارن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته هـُن قرض معاف ناهن ڪرايا، سندس خلاف وزيراعظم هائوس جو ميڊيا سيل غلط خبرون هلائي رهيو آهي.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ جهانگير ترين چيو ته هن ڪڏهن به قرض معاف ناهن ڪرايا، ان حوالي سان مٿس ڪوڙا الزام هنيا پيا وڃن.

هـُن چيو ته جيڪڏهن قرض معاف ڪرايا هجن ها ته 2002 کان 2015 تائين هن اليڪشن ۾ حصو ورتو آهي، ان دوران سندس اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کي چيلينج ڇو نه ڪيو ويو؟

جهانگير ترين چيو ته اسٽيٽ بينڪ قرض معاف ڪرائڻ بابت هڪ خط جاري ڪيو هو پر 2013 ۾ ساڳيو خط معافي سان گڏ واپس ورتو ويو هو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته وزيراعظم هائوس جو ميڊيا سيل سندس خلاف غلط خبرون هلائي رهيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*