سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي ۽ نيب اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيس ۾ پنهنجو جواب داخل ڪرائي ڇڏيو

Sindh-high-sharjeel-14-1

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي ۽ نيب اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيس ۾ پنهنجو جواب داخل ڪرائي ڇڏيو، نيب موجب شرجيل ميمڻ ۾ پنهنجو جواب داخل ڪرائي ڇڏيو، نيب موجب شرجيل ميمڻ پنهنجي وزارت دوران 8 ارب رپين جا اشتهار ڏنا ۽ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب ۽ ايف آءِ اَي طرفان جواب داخل ڪرايا ويا.

نيب پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته شرجيل ميمڻ پنهنجي وزارت دوران 8 ارب رپين جا اشتهار جاري ڪيا، جن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي.

نيب موجب ڪرپشن سبب 24 نومبر 2015ع تي شرجيل ميمڻ جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو.

عدالت نيب ۽ ايف آءِ اَي جي جواب تي درخواستگذار جي وڪيل کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*