سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ۽ ان جي پٽ تي تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي لاءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي 2 مئي تائين جي مهلت

Larkana Court

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ۽ ان جي پٽ تي تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي لاءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي 2 مئي تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

عدالت هاءِ ڪوٽ جي رجسٽرار نذير مرکنڊ ۽ سندس پٽ مرتضيٰ ڪلهوڙو تي تشدد واري داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي عبدالله شيخ ۽ايس ايس پي ڪامران جواز عدالت ۾ پيش  ٿي ٻڌايو ته ملوث اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته پوليس جو ڪم عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي، نه وري انهن کي تشدد جو بشانو ٻڻائڻ آهي.

عدالت ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي رجسٽرار ۽ ان جي پٽ تي تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي 2 مئي تائين لکت ۾ جواب پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

هوڏانهن جو اي ايس پي توقير نعيم معاملي جو نوٽيس وٺندي پنجن اهلڪارن کي معطل ڪري ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو.

هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار  نذير مرکنڊ  جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي پٽ سان گڏ هڪ شادي جي تقريب ۾ شرڪت بعد گهر وڃي رهيا هئا ته پوليس اهلڪارن کين روڪي منهن ماري بعد تشدد جو نشانو بڻايو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*