سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت سنڌ اسيمبلي ۾ چوٿون لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل منظور

sindh-assembly-new-26-04-16

سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت سنڌ اسيمبلي ۾ چوٿون لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل  منظور ڪيو ويو آهي، جڏهن ته  سيٽن جي ورهاست بابت بل جي ڪجهه شقن تي بحث ۽ منظوري سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي،پري بجيٽ تجويزن دوران مخالف ڌر جي ميمبرن ترقياتي اسڪيمن ۾ نظر انداز ڪرڻ ۽ فنڊز جاري نه ٿيڻ سميت مختلف معاملن تي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران پارلياماني ۽ تعليم واري وزير نثار احمد کهڙي  چوٿون لوڪل ترميمي بل ڪيو، جنهن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي.

بل جي منظوري سان عورتن جي مخصوص سيٽن جو انگ 22 سيڪڙو مان وڌائي 33 سيڪڙو، جڏهن ته نوجوان، پورهيتن ۽ اقليتن جي سيٽن جو انگ 5-5سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي.

سيٽن جي ورهاست بابت بل جي ڪجهه شقن تي بحث ۽ منظوري سڀاڻي  تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ پري بجيٽ تجويزن تي بحث دوران مخالف ڌر جي ميمبرن حڪومتي ڌر تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته گذريل بجيٽ ۾ رکيل فنڊز اڃا تائين خرچ نه ڪيا ويا آهن ۽ ترقياتي اسڪيمن ۾ به کين نظر انداز ڪيو ويو آهي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار ٿر ڪميشن جي رپورٽ ۽ متحده جي محمود رزاق قرض معاف ڪرائيندڙن جي لسٽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

متحده جي هير سوهو، محمد حسين، ظفرڪمالي، وقار شاهه، ديوان چند چاولا ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ اسپتالن، اسڪولن، جيلن ۽ ٻين ادارن جي حالت انتهائي خراب آهي.

مخالف ڌر جي ميمبرن چيو ته سنڌ ۾ توانائي منصوبن تي درست ڪم نه پيو ٿئي، صوبي ۾ لوڊشيڊنگ جو وڏو آزار آهي، سنڌ حڪومت کي سنجيدگي سان ان معاملي جو نوٽيس وٺي صوبي کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏيارڻ گهرجي.

فنڪشنل ليگ جي راشد شاهه چيو ته پي سي بي سنڌين سان ناانصافي ڪري رهيو آهي ۽ پي سي بي  کي پنجاب بورڊ بڻايو ويو آهي.

بجيٽ تجويزن تي بحث بعد ڊپٽي اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*