گهوٽڪي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم مختيار ڪار آفيس تي ڇاپو هڻي رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ تپيدار ۽ ڪوٽار کي گرفتار ڪري ورتو

ghotki

گهوٽڪي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم مختيار ڪار آفيس تي ڇاپو هڻي رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ تپيدار ۽ ڪوٽار کي گرفتار ڪري ورتو ۽ نوابشاهه ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم خوراڪ کاتي جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

 اينٽي ڪرپشن ٽيم گهوٽڪي جي مختيارڪار آفيس تي ڇاپو هڻي رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ تپيدار يعقوب شيخ ۽ ڪوٽار اياز شيخ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سرڪل آفيسر مختيار لاشاري جو چوڻ هو ته عملدار کاتيدار وزير سولنگي کان رشوت  وٺي رهيا هئا ته کين گرفتار ڪيو ويو آهي.

 هوڏانهن نوابشاهه ۾ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم سرڪل آفيسر سيف هاليپوٽو ۽ جوڊيشل ميجسٽريٽ صفدر علي جتوئي سان گڏجي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جي  آفيس تي ڇاپو هنيو.

ڇاپي دوران اينٽي ڪرپشن ٽيم 36 سينٽرن جي بارداڻي جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

سرڪل آفيسر  جو چوڻ هو ته ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن جي هدايت مطابق ميجسٽريٽ سان گڏجي ڪارروائي ڪئي آهي.

 هنن چيو ته ڊي ايف سي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سڀاڻي سمورن خريداري مرڪزن  جا انچارج پنهنجن سينٽرن تي موجود هجن جنهن دوران ميجسٽريٽ سان گڏجي بارداڻي جي ورهاست جي رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*