وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار لنڊن ۾ برطانوي هم منصب سان ملاقات ڪري عمران فاروق قتل ڪيس ۽ متحده جي را کي فنڊنگ سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

chudhry-nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار لنڊن ۾ برطانوي هم منصب سان ملاقات ڪري عمران فاروق قتل ڪيس ۽ متحده جي را کي فنڊنگ سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.

امريڪا جي دوري تي پهتل وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار لنڊن ۾ برطانوي هم منصب ٿريسامي سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران علائقي سلامتي، خطي جي صورتحال ۽ پاڪ-برطانيه لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران  عمران فاروق قتل ڪيس ۽ متحده کي را جي فنڊنگ وارن معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، برطانوي هم منصب کي پاڪستان ۾ را جي مداخلت وارن معاملن کان به آگاهه ڪيو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*