اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، وزيراعظم نوازشريف کان ريفرنڊ ڪرائڻ لاءِ داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

islamahighicourt18-8

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، وزيراعظم نوازشريف کان ريفرنڊ ڪرائڻ لاءِ داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ شهري درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته پاناما ليڪس جي دستاويزن ۾ وزيراعظم جو نالو اچڻ بعد ملڪ جي معيشت متاثر ٿي آهي.

درخواستگذار موجب وزيراعظم نوازشريف قوم جو اعتماد وڃائي چڪو آهي، آرٽيڪل 48 جي سيڪشن 6 تحت وزيراعظم کي ريفرنڊم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

درخواست ۾ عدالت پاناما ليڪس معاملي بعد آف شور ڪمپنين خلاف جاچ جو حڪم جاري ڪرڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي.

عدالت، رجسٽرار جا اعتراض ختم ڪرڻ بعد درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*