تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، شريف ڀائرن تي حراسان ڪرڻ جا الزام

imran-khan-

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، شريف ڀائرن تي حراسان ڪرڻ جا الزام هڻندي چيو آهي ته آف شور ڪمپنين جي وضاحت ڏيڻ بدران حڪومتي مشينري ذريعي سياستدانن کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، جهانگير ترين تي الزام لڳائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته نواز ليگ جي ڪرپشن سامهون اچڻ بعد  وفاقي حڪومت هاڻي مخالفن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي.

هـُن چيو ته پاناما ليڪس ۾ نالو اچڻ ۽ آف شور ڪمپنين جي وضاحت ڏيڻ بدران سياستدانن کي حراسان ڪيو پيو وڃي ۽ حڪومتي مشينري جو غلط استعمال ڪري بليڪ ميلنگ واري سياست شروع ڪئي وئي آهي.

عمران خان چيو ته جهانگير ترين قرض معاف نه ڪرائڻ وارا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن، جيڪڏهن نواز ليگ وٽ ڪنهن جي به خلاف ڪرپشن جا ثبوت موجود آهن ته اهي پيش ڪيا وڃن.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان اعلان ڪيو ته جهانگير ترين تي ڪوڙا الزام لڳائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*