لياري جي علائقي دريا آباد ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري 15 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث ٽارگيٽ ڪلر مصطفيٰٰ نيازي کي ٻن ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو

karachi rengars

لياري جي علائقي دريا آباد ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري 15 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث ٽارگيٽ ڪلر مصطفيٰٰ نيازي کي ٻن ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو، لياري، ڊاڪس، سائيٽ يريا، ملير ۽ پاڪ ڪالوني ۾ پوليس، رينجرز ۽ڳجهن ادارن ڪارروايون ڪري 20 کان وڌيڪ ڏوهارين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، اورنگي ٽائون ۾ شهرين ڦورو عورت کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب ملير ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن ڪارروائي ڪندي چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، جن جو تعلق سياسي جماعت سان ٻڌايو پيو وڃي.

لياري جي درياءَ آباد ۾ ڪارروائي دوران گرفتار ڪيل جوابدار مصطفي نيازي جي نشاندگي تي وڌيڪ 2 ڏوهاري گرفتار ڪياويا آهن.

پڪڙيل جوابدارن جو چوڻ آهي ته هو ۽ سندس ساٿي 15 کان وڌيڪ ماڻهن جي قتل ڪيس ۾ گهربل آهن.

پوليس موجب جوابدار مصطفيٰ نيازي طور ڪئي وئي آهي، جيڪو فشريز، ٽرڪ اڏي نيازي برادري کان ڀتووٺندو هو.

لياري جي آگاره تاج واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران جعلسازي جي الزام هيٺ خالد راڻا نالي شخص ۽ سندس پٽ کي حراست ۾ ورتو ويو آهي .

هوڏانهن گرفتار ڪيل جوابدار مجيد سنڌي انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هو ۽ سندس ساٿي  بسن مان ماڻهن کي لاهي قتل ڪرڻ بعد لاش روڊ تي ڦٽي ڪندا هئا.

جوابدار وڌيڪ انڪشاف ڪندي چيو ته کهارادر ۾ سياسي جماعت جي 5 ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ سندس ساٿي ۽ هو ملوث آهن .

پوليس موجب جوابدار جو تعلق لياري گينگ وار جي وصي لاکو گروپ سان آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي .

ڊاڪس ۽ سائيٽ ايريا ۾ به پوليس ڪارروايون ڪري ڪيترن ئي ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو.،

پاڪ ڪالوني ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

اورنگي ٽائون ۾ شهرين هڪ ڦورو عورت کي سوگهو ڪري ورتو، جنهن کي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*