پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ خدمتون سر انجام ڏيڻ لاءِ سندس ڳالهيون پي سي بي عملدارن سان جاري آهن:مدثرنذر

mudasar-

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آلرائونڊر مدثرنذر چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ خدمتون سر انجام ڏيڻ لاءِ سندس ڳالهيون پي سي بي عملدارن سان جاري آهن، پر اڃان تائين ڪوبه حتمي فيصلو نه ٿيو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مدثر نذر چيو ته پي سي بي چيئرمين سان سندس ملاقات ٿي آهي، پر اڃان پي سي بي اخبار ۾ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي هيڊڪوچ لاءِ اشتهار ڏيندي، جنهن بعد هو ان بابت فيصلو ڪندو.

هن چيو ته هو هن وقت انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي ۽ خوش آهي.

مدثر نذر چيو ته ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ قومي ٽيم جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، پر ڪرڪيٽ جي بهتري تي ڪم ڪيو وڃي ته ڪارڪردگي ۾ به بهتري اچي سگهي ٿي.

هن چيو ته پاڪستان سپر ليگ هڪ مثبت قدم آهي ۽ ان سان ملڪ ۾ ڪرڪيٽ ۾ بهتري ايندي، ڇاڪاڻ جو غير ملڪي ڪرڪيٽرز سان گڏ کيڏڻ سان ٽيم جي رانديگرن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*