پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي اسٽار بيٽسمين يونس خان، عمر اڪمل ۽احمد شهزاد کي قومي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ بابت پي سي بي کان اجازت طلب

alzmam-ul-haq

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي اسٽار بيٽسمين يونس خان، عمر اڪمل ۽احمد شهزاد کي قومي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ بابت پي سي بي کان اجازت طلب ڪري ورتي آهي.

ٽنهي فارميٽ جي ڪپتانن پنهنجي امڪاني ٽيم جا نالا چيف سليڪٽر انضمام الحق حوالي ڪري ڇڏيا آهن، انهن ۾ ڪوبه نئون چهرو شامل نه آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته انگلينڊ جي دوري ۾ يونس خان، احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل جي شموليت پي سي بي ڪليئرنس سان لاڳاپيل آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيسٽ ڪپتان مصباح الحق، ون ڊي ڪپتان اظهر علي ۽ ٽي-ٽوئنٽي ڪپتان سرفراز احمد پاران ڏنل نالن جي لسٽ تي چيف سليڪٽر کان ڪيمپ لاءِ گهرائيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*