لاطيني امريڪا جي سرڪسن مان ڪيترائي شينهن هٿ ڪري آفريڪا موڪليا پيا وڃن

loan-amrica

لاطيني امريڪا جي سرڪسن مان ڪيترائي شينهن هٿ ڪري آفريڪا موڪليا پيا وڃن، جانورن جي تحفظ جي عالمي تنظيم اينيمل ڊفينڊرس انٽرنيشنل جو چوڻ  آهي ته جانورن جي تحفط جي صورتحال افسوسناڪ ٿيڻ بعد شينهن جو نسل بچائڻ لاءِ اهڙو قدم کنيو ويو آهي.

اينيمل ڊفينڊرس انٽرنيشنل لاطيني امريڪا جي ملڪ پِيرو سرڪس ۾ ڪرتب ڏيکاريندڙ 24 شينهن هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته ڪولمبيا ۾ هڪ سرڪس گروپ رضاڪاراڻي نموني 9 شينهن تنظيم حوالي ڪيا، جيڪي آفريڪا موڪليا ويندا.

تنظيم جي صدر جان ڪريمر  جو چوڻ آهي ته شينهن جو نسل بچائڻ وارو هي آپريشن سموري دنيا لاءِ هڪ پيغام آهي ته ڌرتي جي فطري سونهن وڌائيندڙ جانورن سان ڪهڙو  رويو رکڻ گهرجي.

 هن چيو ته هي ڌرتي رڳو انسانن نه پر جانورن لاءِ  به آهي، جانورن جا به ڪي حق آهن، تنهنڪري ماڻهن کي جانورن جي حوالي سان پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو.

پيرو جي گادي واري شهر ليما ۾  24 شينهن آندا ويا آهن، جن مان 17 نر ۽ 7 مادي آهن.

لِيما ۾ اينيمل ڊفينڊرس انٽرنيشنل جي سينٽر تي مقرر جانورن جي ماهر ڊاڪٽر ايوا شونگ جو چوڻ آهي ته وٽن پهچايل شينهن جي صحت ۾ بهتري اچي رهي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*