سکر هڪ عورت پنهنجي معصوم ڌيءَ کي سکر بئراج ۾ اڇلائي درياهه ۾ٽپو ڏئي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش

sukkur-khudkashi

سکر هڪ عورت پنهنجي معصوم ڌيءَ کي سکر بئراج ۾ اڇلائي ڇڏيو، عورت پاران پاڻ به درياهه ۾ٽپو ڏئي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش تي رڪشا ڊرائيور کيس بچائي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، عورت جو چوڻ آهي ته ذهني توازن درست نه هئڻ ڪري هن اهڙو اتتهائي قدم کنيو آهي.

ڪوئنس روڊ جي رهواسڻ عورت مسمات ماريا ميمڻ پنهنجي ٻن سالن جي ڌي ثاديا سکر بئراج ۾ اڇلائي ڇڏيو.

عورت پاڻ به درياهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي  ته رڪشا ڊرائيور کيس بچائي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

عورت ماريا ميمڻ پوليس کي ٻڌايو ته هوءُ هو عبدالحميد ميمڻ جي گهرواري آهي، ۽ ذهني توازن درست نه هئڻ ڪري پنهنجي ڌيءَ کي درياهه ۾ اڇلايو  آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي بيان کانپوءِ معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻارڙي جي لاش جي ڳولا ڪئي پئي وڃي………………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*