ميرپور ماٿيلي ۾ دڪان تان ڦر ڪندڙ ٻن جوابدارن کي شهرين پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

mirpur mathelo

ميرپور ماٿيلي ۾ دڪان تان ڦر ڪندڙ ٻن جوابدارن کي شهرين پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، گرفتار جوابدارن جو چوڻ آهي ته مٿن ڪوڙو الزام هڻي گرفتار ڪرايو ويو آهي.

شاهي بازار ۾ واپاري سنيل ڪمار کان ٻن جوابدارن مبينا طور ڦر جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت تي جوابدارن دوڪاندار کي رتورت ڪري ڇڏيو.

واپاري  جي رڙين تي ڀرپاسي جي دوڪاندارن جوابدارن کي پڪڙي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ٻنهي جوابدارن جي ڳوٺ خدا بخش گڏاڻي جي رهواسي ياسين گڏاڻي ۽ حسين بخش گڏاڻي طور سڃاڻپ ڪئي وئي.

جوابدارن جو چوڻ ته هو دڪان تي خريداري ڪرڻ لاءِ آيا هئا ته مٿن ڦر جو ڪوڙو الزام هڻي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪيو ويو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*