جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڪيهر انصاري جي گرفتاري ۽ گمشدگي جي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

JSQM

جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڪيهر انصاري جي گرفتاري ۽ گمشدگي جي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڪهير انصاري کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران چار ڏينهن اڳ گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف سڪرنڊ، ڪنڊيارو، مورو، محرابپور ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري علامتي بک هڙتالون ڪيون ويون.

سڪرنڊ ۾ مرڪزي اڳواڻ آصف مگسي ۽ ضلع صدر مسعود شاهه جي اڳواڻي ۾ صحافي چونڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

 ڪنڊيارو ۾مرڪزي اڳواڻ محبوب ابڙو، قاري گهانگهرو، هارون ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مک اسٽار چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هو سنڌ جي حقن لاءِ پر امن جهدوجهد ڪن پيا، پر گرفتاريون ڪري گم ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڪيهر انصاري کي ظاهر ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رکي ويندي.

جڏهن ته موري ۾ ياسين ملاح ۽ اڪرم چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

محرابپور ۾ ضمير ميمڻ، علي شير گهانگهرو، آفتاب چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب ۽ جيئي سنڌ چوڪ  آڏو ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*