پناما ليڪس رڳو وزيراعظم خلاف سازش نه پر پاڪستان تي حملو به آهي:نواز ليگ اڳواڻ

nawa-lig

نواز ليگ اڳواڻن چيو آهي ته پناما ليڪس رڳو وزيراعظم خلاف سازش نه پر پاڪستان تي حملو به آهي، اپوزيشن جماعتون پناما ليڪس جي جاچ ڪرائڻ نه ٿيون چاهين، منٿون ڪري چيو پيو وڃي ته قرض معاف ڪرائڻ جي جاچ نه ڪرايو احتجاج نه ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو ته عمران خان هميشه احتساب جو وقت اچڻ تي اسٽي آرڊر جي پٺيان لڪندو آهي.

هـُن چيو ته پاناما ليڪس وزيراعظم خلاف سازش نه پر ملڪ تي حملو آهي، نوازشريف تي الزام لڳائيندڙ هٿ ٻڌي معافي وٺن.

دانيال عزيز چيو ته وزيراعظم نواز شريف پاناما ليڪس معاملي جي جاچ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو آهي، احتساب سڀني جو ٿيندو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته پاناما ليڪس معاملي تي اتحاد ٺاهيندڙن کي ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، احتساب کان بچڻ لاءِ اتحاد قائم ٿي رهيو آهي ۽ منٿون ڪيون پيون وڃن ته قرض معاف ڪرائيندڙن جي جاچ نه ڪرايو، اسان احتجاج نه ڪنداسين.

طلال چوڌري چيو ته عمران خان ڪرپشن بچايو ۽ جهاز هلايو مهم هلائي رهيو آهي، پاناما ليڪس معاملي تي سياسي گرمي پد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*