قومي احتساب بيورو سپريم ڪورٽ کي آگاهي، ڪرپشن خلاف جاري جاچ ۾ سڀ کان وڌيڪ انڪوائريز لاهور ۾ هلي رهيون آهن

nab-sup17-8

قومي احتساب بيورو سپريم ڪورٽ کي آگاهي ڏني آهي ته ڪرپشن خلاف جاري جاچ ۾ سڀ کان وڌيڪ انڪوائريز لاهور ۾ هلي رهيون آهن، ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل 401 ڄڻن جي نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرايا ويا آهن.

سـُپريم ڪورٽ جي حڪم بعد نيب پاران ڪرپٽ ماڻهن خلاف هلندڙ جاچ ۽ اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرائڻ بابت رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪرپشن خلاف جاري 6 سئو 38 انڪوائريز مان 3 سئو 36 ڪيسز جاچ جي حتمي مرحلي ۾ آهن.

نيب رپورٽ ۾ آگاهي ڏني وئي ته ڪرپشن خلاف سڀ کان انڪوائريز لاهور ۾ 2 سئو 21 انڪوائريز ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ 2 سئو 15 ۽  بلوچستان ۾ هڪ سئو 20  ڪيسز جي جاچ ٿي رهي آهي، جيڪي آخري مرحلي ۾ آهن.

نيب رپورٽ ۾ چيو ويو ته 401 ڪرپٽ ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جن مان راولپنڊي جي هڪ سئو 40، لاهور جي هڪ سئو 6، ڪراچي جي 91 ۽ بلوچستان جي 18 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل آهن.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ گذريل ٻڌڻي تي نيب کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*