سنڌ ۾ بارداڻو نه ملڻ واري شڪايتن تي اينٽي ڪرپشن ٽيم نوشهروفيروز، قمبر ۽ سانگهڙ ۾ خوراڪ کاتي جي آفيسن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو
سنڌ ۾ بارداڻو نه ملڻ واري شڪايتن تي اينٽي ڪرپشن ٽيم نوشهروفيروز، قمبر ۽ سانگهڙ ۾ خوراڪ کاتي جي آفيسن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيوآهي.
اينٽي ڪرپشن ٽيم نوشهرو فيروز ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جي آفيس تي ڇاپو هڻي بارداڻي جي ورهاست وارو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
قمبر ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم پاران خوراڪ کاتي جي آفيس تي ڇاپي دوران عملو فرار ٿي ويو، جنهن بعد رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو.
سانگهر ۾ به اينتي ڪرپشن خوراڪ کاتي جي آفيس تي ڇاپو باراڻي جي ورهاست وارو سمورو رڪارڊ ضبط ڪري ورتو.
عملدارن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ بارداڻو نه ملڻ واري شڪايتن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي، بارداڻو وڪرو ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.اينٽي ڪرپشن پوليس سانگهڙ ڊسٽرڪٽ ڦوڊ ڪنٽرلور جي آفيس تي ڇاپو هڻي هلندڙ سال ڪنڪ جي بارداڻي ۽ ڪڻڪ جي خريداري ۾ ٿيل خرد برد جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ، اينٽثي ڪرپشن جي ڇاپي وقت خورڪ کاتي آفسير ۽ عملو عائب ٿي ويا، هڪ ڪرلڪ آفيس ۾ ويٺل هو، انموقعي تي ڊي ڊي شهيد بينيظير آباد نادر ابڙي ٻڌايو ته هن سال 15 لک ٻوريون بارداڻو آيو ، اهو آبادگارن جي بجاءِ واپارين ۾ وڪرو ڪيو ويو، ڇاپو هڻي سمورو رڪارڊ تحويڪل ۾ ورتو ويو آهي، ملوث آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويندو.