سنڌ هاءِ ڪورٽ موٽر وي پوليس ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر وردي وارن ملازمن کي پنهنجي کاتن ۾ موڪلڻ جو حڪم ڏيندي آءِ جي موٽر وي کان ٻن هفتن اندر عملدرآمد رپورٽ طلب

sindh highi court

سنڌ هاءِ ڪورٽ موٽر وي پوليس ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر وردي وارن ملازمن کي پنهنجي کاتن ۾ موڪلڻ جو حڪم ڏيندي آءِ جي موٽر وي کان ٻن هفتن اندر عملدرآمد رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ توهين عدالت جي ڪارروائي ڪنداسين.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بئنچ موٽر وي پوليس ۾ وردي وارن ملازمن جي ڊيپوٽيشن ختم نه ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار ذوالفقار سيهڙ ۽ انسپيڪٽر نعيم الشيخ پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته هــُُو 2001ع ۾ وفاقي ڪميشن پاس ڪرڻ بعد موٽر وي ۾ ڀرتي ٿيا، جنهن بعد ترقي ڏيڻ بدران سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف کاتن ۾ ڊيپوٽيشن تي رکيو ويو.

عدالت اهڙي درخواست تي آءِ جي موٽر وي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ڊيپوٽيشن تي مقرر ملازمن کي واپس پنهنجي کاتن ۾ موڪلڻ جو حڪم ڏيندي ٻن هفتن اندر عملدرآمد رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ٻن هفتن اندر عملدرآمد رپورٽ جمع نه ڪرائي وئي ته توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته 2 مهينا اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊيپوٽيشن تي آيل ملازمن کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*