پي ٽي آءِ جو ڪرپشن خلاف ڪراچي مان نڪتل مارچ ميرپورخاص پهچي ويو

mirpurkhas-pti-rally

پي ٽي آءِ جو ڪرپشن خلاف ڪراچي مان نڪتل مارچ ميرپورخاص پهچي ويو، شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته سنڌ جو عوام ذهني غلامي ۾ جڪڙيل آهي،  ملڪ جو 80 سيڪڙو ٽيڪس غريب ادا ڪن ٿا، عارف علوي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هر نئون ڄمندڙ ٻار هڪ لک 10 هزار رپين جو قرضي آهي، ڪرپشن سبب ملڪ جا 200 ارب رپيا سيوزرلينڊ جي بئنڪن ۾ پيل آهن.

ڪرپشن خلاف پي ٽي آءِ جو ڪراچي مان نڪتل لانگ مارچ ميرپورخاص پهتو ته عوام پاران شاندار استقبال ڪري ريلي ۾ شريڪ ماڻهن تي گلن جي ورکا ڪئي.

جلسي کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ جا ماڻهو ذهني غلامي ۾ جڪڙيل آهن، پي ٽي آءِ عوام کي انهن زنجيرن مان آزاد ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون.

شاهه محمود قريشي چيو ته ملڪ جو 80 سيڪڙو ٽيڪس غريب ادا ڪن ٿا، پر پوءِ به ملڪ جو پيسو  رئيس ماڻهن ڏي وڃي رهيو  آهي.جيڪي ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن.

پي ٽي آءِ اڳواڻ عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو نئون ٻار پيدا ٿيندو آهي اهو هڪ لک 10 هزار رپين جو قرضي هوندو آهي.

عارف علوي چيو ته ۾ حڪمرانن جا 200 ارب رپيا سيوزرلينڊ جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ پيل آهن، جنهن ڪري عوام مشڪلاتن جو شڪار آهي.

عارف علوي چيو ته  ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ضروري آهي، ان ڪري سنڌ جو عوام به  عمران خان جا هٿ مضبوط  ڪري ڪرپت حڪمرانن مان جان آجي ڪرائي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*