لاڙڪاڻي جي ڊگري ڪاليج ۾ سپلا ۽ پرنسپال وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ تعليمي بورڊ سپلا اڳواڻ کي انٽرنل مقرر ڪري ڇڏيو

larkana

لاڙڪاڻي جي ڊگري ڪاليج ۾ سپلا ۽ پرنسپال وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ تعليمي بورڊ سپلا اڳواڻ کي انٽرنل مقرر ڪري ڇڏيو، جنهن تي پرنسپال امتحانن لاءِ مليل جوابي ڪاپيون واپس ڪري ڪاليج جا گيٽ بند ڪري ڇڏيا.

 ڊگري ڪاليج ۾ پرنسپال ۽ سپلاءَ وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب تعليمي بوارڊ پاران پرنسپال غلام سرور قريشي کي انٽرنل شپ تان هٽائي سپلاءِ اڳواڻ لياقت ابڙو کي انٽرنل مقرر ڪيو ويو.

پرنسپال غلام سرور قريشي تعليمي بورڊ پاران انٽر جي امتحانن لاءِ موڪليل جوابي ڪاپيون بورڊ کي واپس ڪري ڇڏيون ۽ جاليج  جا گيٽ بند ڪري ڇڏيا.

سپلا اڳواڻ لياقت ابڙي پهچي ڪاليج جو گيٽ کولرائي بورڊ پاران موڪليل امتهاني ڪاپيون ڪاليج اندر رکرائي ڇڏيون، جنهن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.

لياقت ابڙو جو چوڻ هو ته تعليمي بورڊ پاران ڇڪتاڻ بعد کيس انٽرنل مقرر ڪيو ويو آهي، پرنسپال خلاف اعليٰ اختيارين کي شڪايت ڪئي ويندي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*