سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن جون ڪارروايون جاري آهن ، نوشهروفيروز، قمبر ۽ سانگهڙ ۾ خوراڪ کاتي جي آفيسن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو

food-chapo

سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن جون ڪارروايون جاري آهن ، نوشهروفيروز، قمبر ۽ سانگهڙ ۾ خوراڪ کاتي جي آفيسن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو، جڏهن ته ڪوٽ غلام محمد مان ڪرپشن جي الزام هيٺ اسسٽنٽ ڪمشنر کي گرفتار ڪيو ويو.

اينٽي ڪرپشن ٽيم نوشهرو فيروز ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جي آفيس تي ڇاپو هڻي بارداڻي جي ورهاست وارو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

 قمبر ۾ اينٽي ڪرپشن  ٽيم پاران خوراڪ کاتي جي آفيس تي ڇاپي دوران عملو فرار ٿي  ويو، جنهن بعد رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو.

 سانگهر ۾ به اينتي ڪرپشن  خوراڪ کاتي جي آفيس تي ڇاپو باراڻي جي ورهاست وارو سمورو رڪارڊ ضبط ڪري ورتو.

عملدارن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ بارداڻو نه ملڻ واري شڪايتن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي، بارداڻو وڪرو ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڊي ڊي شهيد بينيظير آباد نادر ابڙي ٻڌايو ته هن سال 15 لک ٻوريون بارداڻو آيو ، اهو آبادگارن جي بجاءِ واپارين ۾ وڪرو ڪيو ويو.

ڪوٽ غلام محمد ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم سرڪل آفيسر ملڪ الهڏتو جي اڳواڻي ۾ روينيو آفيس تي ڇاپو هڻي اسسٽنٽ ڪمشنر جهامن داس سوني کي گرفتار ڪري ورتوآهي.

سرڪل آفيسر ملڪ الهڏتو جو چوڻ  هو ته اسسٽنٽ ڪمشنر کي هڪ  لک 90 هزار  رپيا رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو وي آهي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*