دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو، لياري گينگ وار جي جوابدار عزير بلوچ کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

Uzair--Court-30-1

دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو، لياري گينگ وار جي جوابدار عزير بلوچ کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، رينجرز 90 ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ بعد عزير بلوچ کي اي ٽي سي جي انتظامي جج آڏو پيش ڪيو.

رينجرز لياري گينگ وار جي جوابدار عزير بلوچ جو 90 ڏينهن جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ بعد کيس دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي جج نعمت الله ڦلپوٽو جي آڏو پيش ڪيو، جنهن کي عدالت 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نبي بخش ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو.

عزير بلوچ جي 3 مهينا اڳ ڪراچي مان گرفتاري ظاهر ڪئي وئي هئي، جنهن جا جي آءِ ٽي ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف به سامهون آيا آهن.

عزير بلوچ جاچ دوران قتل جي 197 وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي ۽ مٿس ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي قتل جي 65 وارداتن جا ڪيس داخل آهن.

عزير بلوچ تي پوليس اهلڪارن ۽ واپارين سميت ٻين ماڻهن جي قتل جا الزام آهن، شير شاهه جي ڪٻاڙي مارڪيٽ ۾ 18 آڪٽوبر 2010ع تي ڀتو نه ملڻ تي 12 واپارين کي قتل ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*