وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٿر انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي جائزي لاءِ اڄ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

qaim-ali-shah

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٿر انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي جائزي لاءِ اڄ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو، جڏهن ته وڏي وزير سڀاڻي سنڌ ڪابينا جو اجلاس پڻ سڏائي ورتو آهي، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ڪراچي آپريشن سميت ٻين معاملن تي ويچاريو ويندو.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٿر انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي جائزي لاءِ اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم اجلاس سڏائي ورتو آهي، جنهن ۾ ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر  جا ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ٿر ڪميشن جا ميمبرز به شريڪ ٿيندا.

گذريل ڏينهن ٿر انڪوائري ڪميشن بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي ڄاڻايو هو ته بيڊ گورننس ۽ آفيسرن جي غفلت ٿر ۾ ڏڪار ٿرپارڪر ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي، جنهن سبب ٻارڙن جو موت واقع ٿيو.

ٻئي طرف وڏي وزير قائم علي شاهه سڀاڻي سنڌ ڪابينا جو اجلاس پڻ سڏائي ورتو آهي، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ڪراچي آپريشن سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*